تازه ترين

روهڙي ويجهو چوري واردات دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور به مارجي ويو

- Advertisement -
روهڙي ويجهو چوري واردات دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور به مارجي ويو. ڳوٺ دلاور ساوند ۾ چوري واردات دوران گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا، مزاحمت تي چورن فائرنگ ڪري ڏني. چورن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر مختيار ساوند ۽ شڪور ساوند قتل ٿي ويا، محمد صديق ساوند زخمي ٿي پيو. ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور آزاد جاگيراڻي به مارجي ويو، هڪ چور گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل آهي. اطلاع تي ايس ايس پي سکر اطهر مغل واقعي واري هنڌ پهچي ويو. پوليس قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن ۽ مارجي ويل چور جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي روهڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ساوند برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته نامعلوم چور چوپايو مال چوري جي ارادي سان گهر اندر داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا. مزاحمت تي چورن جي فائرنگ ۾ 2 گهر ڌڻي مختيار ۽ ساوند قتل ٿي پيا ۽ محمد صديق زخمي ٿي پيو آهي. هوڏانهن پوليس طرفان چورن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، سرچ آپريشن پڻ جاري آهي، فصلن ۾ چورن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
7 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون