- Advertisement -
انقره ۾ لبيا جي آرمي چيف محمد علي احمد الحداد سميت 5 ڄڻا جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن.
ترڪيه ۾ انقره کان طرابلس لاءِ ويندڙ جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ لبيا جي فوجي سربراهه سميت عملي جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ترڪ گهرو وزير جو چوڻ آهي ته جهاز شام 8 لڳي 10 منٽن تي روانو ٿيو، جڏهن ته 8 لڳي 52 منٽن تي رابطو ڪٽجي ويو.
ترڪيا جي راڄڌاني انقره ۾ ايسن بوغا ايئرپورٽ تان لبيا جي گادي واري شهر طرابلس لاءِ ويندڙ جهاز ۾ اوچتو فني خرابي پيدا ٿي پئي.
اڏام ڀرڻ جي 30 منٽن کانپوءِ جهاز جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ جهاز ٻيهر انقره ڏانهن رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر لينڊنگ کان اڳ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو.
لبيا جي وزيراعظم آرمي چيف محمد علي احمد الحداد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف انقره مان طرابلس ويندي حادثي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته برگيڊيئر جنرل محمود القتاوي، مشير الاساوي، ليفٽيننٽ جنرل الفطوري به جهاز ۾ سوار هئا.
رپورٽن موجب لبيا جي جنرل محمد علي احمد الحداد ترڪيه جو دورو ڪيو، جتي هن ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي هئي..
- Advertisement -
