تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فيض حميد اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني خلاف ڪنهن به ڪيس ۾ سرڪاري شاهد نه ٿي رهيو آهي : وڪيل اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد

- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته فيض حميد اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني خلاف ڪنهن به ڪيس ۾ سرڪاري شاهد نه ٿي رهيو آهي. فيض حميد جي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو جن ۾ چيو پئي ويو ته فيض حميد پي ٽي آءِ باني خلاف سرڪاري شاهد ٿي سگهي ٿو. بيرسٽر ميان علي اشفاق جو چوڻ هو ته اهڙيون اڳڪٿيون بي بنياد ۽ غلط آهن. ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ بيرسٽر ميان علي اشفاق جو چوڻ هو ته ميڊيا ۽ سياسي تڪن ۾ گردش ڪندڙ انهن اطلاعن ۾ ڪابه صداقت نه آهي جن ۾ چيو پيو وڃي ته فيض حميد پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس ۾ سرڪاري شاهد بڻجڻ تي غور ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙيون سموريون خبرون مڪمل طور تي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. بيرسٽر ميان علي اشفاق کان سوال ڪيو ويو ته هن ان حوالي سان فيض حميد سان سڌي ريت ڳالهايو آهي ته هن واضح ها ۾ جواب ڏيڻ بدران چيو ته کيس ان ڳالهه جي حقيقت معلوم آهي، فيض حميد جو پي ٽي آءِ باني خلاف سرڪاري شاهد بڻجڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ مبينا ڳوٺ جوڙ بابت اڳڪٿيون، سرڪاري سرپرستي ۾ ٺهندڙ بيانيو آهي جيڪو 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ورجايو پيو وڃي، انهن واقعن دوران پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ ڪيترين ئي فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13.7 ° C
13.7 °
13.7 °
14 %
2.8kmh
66 %
خميس
13 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون