- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ ڪولمبيا کي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ايران ۾ وڌيڪ مظاهرين قتل ٿيا ته آمريڪا تمام وڏو حملو ڪري سگهي ٿو.
ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪولمبيا ۾آمريڪي فوجي آپريشن سٺو خيال آهي.
هن چيو ته ڪولمبيا جون حالتون خراب آهن، منشيات جي سمگلنگ ۽ پيداوار ڪئي پئي وڃي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪيوبا جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي آهي،لڳي ٿو ته پاڻ ئي ڪري پوندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪيوبا جي معيشيت گهڻي قدر وينزويلا جي تيل تي ڀاڙيندي هئي جيڪو هاڻي بند ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته آمريڪا جو وينزويلا جي معاملن تي ڪنٽرول آهي،جيڪڏهن وينزويلا سهڪار نه ڪيو ته ٻيهر فوجي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي وينزويلا ۾ تيل ۽ ٻين وسيلن تائين مڪمل پهچ حاصل هئڻ گهرجي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وينزويلا جي نائب صدر روڊريگز درست ڪم نه ڪيو ته مادورو کان به وڌيڪ ڳري قيمت ڀوڳڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته منشيات جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ميڪسيڪو کي پنهنجو نظام درست ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ آمريڪا ڪو سخت قدم ڏيکارڻو پوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن دوران وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ته آمريڪا وڌيڪ زوردار حملو ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته آمريڪا جي ايران جي صورتحال تي گهري نظر آهي، جيڪڏهن ايراني حڪومت مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال جاري رکيو ته واشنگٽن شديد رد عمل ڏيندو.
- Advertisement -
