- Advertisement -
ڀريا روڊ ۾ نوجوان خدا بخش بروهي کي قتل ڪري لاش نصرت ڪئنال ۾ لوڙهڻ جي انڪشاف باوجود نوجوان جو لاش 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ نه اچي سگهيو.
نصرت ڪئنال ۾ مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش جي ڳولا جاري آهي.
چار ڏينهن اڳ ڀريا روڊ واسي نوجوان خدا بخش بروهي پراسرار طور گم ٿي ويو هو، وارثن طرفان نوجوان کي ڏيتي ليتي جي بنياد تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو.
پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو جنهن نوجوان کي قتل ڪري لاش ڪئنال ۾ لوڙهڻ جو اعتراف ڪيو.
جوابدار جي اعتراف بعد 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪئنال مان نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي، مقامي ٽوٻن طرفان لاش جي ڳولا جاري آهي.- Advertisement -
