تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪا ايران ۾ فوجي ڪارروائي سميت مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪا ايران ۾ فوجي ڪارروائي سميت مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا کان واشنگٽن ويندي جهاز ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران خلاف فوجي ڪارروائي سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هو ايراني مخالف ڌر جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهن، هو ايران ۾ انٽرنيٽ جي بحالي بابت ايلان مسڪ سان ڳالهائيندو. سندس چوڻ هو ته انٽرنيٽ معاملي ۾ ايلان مسڪ ماهر آهي، سندس ڪمپني بهترين آهي، سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت ائٽمي معاهدي تي ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو آهي، ڳالهين جو انتظام ڪيو پيو وڃي، ساڻن ملاقات ڪري سگهجي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته لڳي ٿو ته ايراني حڪمران دٻاءَ ۾ اچي ويا آهن، ڳالهين کان پهريون ايران خلاف فوجي ڪارروائي ممڪن آهي. ٻئي طرف آمريڪي ٽي وي موجب ايران ۾ مظاهرن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فوجي آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي آهي. آمريڪي ٽي وي موجب ايراني سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن جي آپشن تي غور ڪيو ويو آهي. آمريڪي ٽي وي موجب ايران خلاف سائبر آپريشن ۽ نين پابندين تي به غور ٿي رهيو آهي. آمريڪي عهديدار موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت مختلف آپشنز تي غور ڪرڻ لاءِ سينيئر صلاحڪارن سان به اڱاري تي ملاقات ڪندو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ وينزويلا جو وقتي صدر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل تصوير ۾ لکيو آهي ته هو جنوري 2026 کان وينزويلا جو وقتي صدر آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
17 %
4.6kmh
8 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون