تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ چنگچي رڪشائن تي پابندي خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ چنگچي رڪشائن تي پابندي خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. چنگچي رڪشا ايسوسيئيشن طرفان سنڌ حڪومت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي فيصلي سبب 60 هزار چنگچي رڪشا متاثر ٿيا آهن. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جو لکت ۾ جواب اچڻ ڏيو، پوءِ ان سڄي معاملي جو جائزو ورتو ويندو. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهر جي 26 اهم روٽن تي چنگچي رڪشائن جي اچ وڃ تي پابندي لڳا آهي. سندس چوڻ هو ته انهن وٽ روٽ پرمٽ به موجود آهن، پابندي روٽ پرمٽ رد ڪرڻ کانسواءِ لڳائي وئي آهي. وڪيل جو چوڻ هو ته چنگچي رڪشائن تي پابندي سبب رڪشا هلائيندڙ ۽ چنگچي رڪشا ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيت بي روزگار ٿي ويا آهن. عدالت سنڌ حڪومت، ٽريفڪ پوليس ۽ چنگچي رڪشا ٺاهيندڙ ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 3 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
26 %
2.9kmh
3 %
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °
سُومر
13 °
اڱارو
14 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون