- Advertisement -
تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن اسپيڪر صوابديد آهي جيڪو هن جاري ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته سندن ڪوشش هئي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿئي جنهن به جاري ڪرايو بهتر ٿيو، سندس خيال ۾ نوٽيفڪيشن اسپيڪر جاري ڪيو جنهن تي هو ٿورائتا آهن.
سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ ڪڏهن ٿيندي؟ بابت سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته کين ٻڌايو ويو آهي ته اڄ يا سڀاڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو، پي ٽي آءِ باني ٻنهي اڳواڻن کي اپوزيشن ليڊر طور نامزد ڪيو ٻئي ٿي وڃن ته بهتر آهي.
پي ٽي آءِ ميمبر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شريڪ ڇو نه ٿيا بابت سوال جي جواب بئريسٽر گوهر چيو ته ستاويهين آئيني ترميم کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جي حيثيت تبديل ٿي، 26هين آئيني ترميم تي سخت خدشن سبب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پهريان به شامل نه ٿيڻ گهرجي ها.
هن چيو ته هو چاهن پيا ته جيڪي به جج اچن هو ان طريقيڪار جو حصو رهن ۽ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن، 27هين آئيني ترميم ۽ نئي عدالت قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ناهي ٿي.
تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي ته ڳالهه ٻولهه ڪري هو اڳتي وڌندا، جهڙي طرح ڪميٽين جو بائيڪاٽ ڪيو اهڙي طرح جوڊيشنل ڪميشن اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي.
بئريسٽر گوهر چيو ته جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت بابت پي ٽي آءِ باني ملاقات کانپوءِ قطعي فيصلو ڪيو ويندو.
- Advertisement -
