- Advertisement -
مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
مراڪش جي پرڏيهي وزارت موجب، بادشاهه بورڊ ۾ باني ميمبر طور شامل ٿيڻ تي راضپو ظاھر ڪيو جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ ۾ محدود انگ ۾ عالمي اڳواڻ شامل هوندا جيڪي ڊگهي مدي جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن.
مراڪس پرڏيهي وزارت چيو ته مراڪش بورڊ جي آئيني چارٽر جي تصديق ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ ، منصفاڻي ۽ جٽادار امن لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندو……….
- Advertisement -
