- Advertisement -
لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ وچ روڊ تي ڌماڪي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 شهري سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
خوارجين لڪي مروت ۾ سرائي نورنگ بازار کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو، خوارجين ڌماڪي لاءِ موٽرسائيڪل تي ڌماڪيدار مواد جو استعمال ڪيو.
شروعاتي اطلاعن موجب 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ 5 عام واٽهڙن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين کي سرائي نورنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ پنهنجي گهيري ۾ آڻي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
خوارجين پنهنجي هندستاني آقائن جي اشارن تي غضب للحق جي ڪامياب آپريشنز جي نتيجي ۾ حواس وڃائي سول ۽ سوفٽ ٽارگيٽس کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان واقعي کانپوءِ لڪي مروت ۾ عوام ۾ خوارجين خلاف سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي…..- Advertisement -
