تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 2 گرفتار

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ رينجرز ۽ ايس ايس يو پوليس جي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڀتاخوري ۾ ملوث جميل ڇانگا سان تعلق رکندڙ جوابدارن خلاف گڏيل آپريشن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ هڪ زخمي سميت ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز ترجمان موجب، ناظم آباد ۽ گلبهار واري علائقي ۾ رينجرز ۽ ايس ايس يو پوليس جي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڀتاخوري ۾ ملوث جميل ڇانگا سان تعلق رکندڙ جوابدارن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران جوابدارن طرفان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي. رينجرز ترجمان موجب، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ انتهائي گهربل جوابدار سڪندر عرف بابر ڪاليا مارجي ويو، جڏهن ته اسد کي زخمي حالت ۽ زوهيب عرف شاهه صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ايمونيشن هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل جوابدار سڪندر عرف بابر ڪاليا عادي ڏوهاري هو ۽ ان کان اڳ سي ٽي ڊي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو هو. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون