- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت بابت ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ طرفان ٺهراءَ ڪيو ويو.
ٺهراءَ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي تي پاڪستان جي قومي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
هي ايون هن تاريخي امن معاهدي تي ايران ۽ آمريڪا کي به ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
ايوان امن معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪري ٿو، معاهدو خطي ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم آهي.
قومي اسيمبليءَ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت بابت ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
ايوان وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ سموري ٽيم کي به ڪوششن تي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
قومي اسيمبلي طرفان پاڪستان جي تاريخي سفارتي ڪاميابي تي اطمينان ۽ فخر جو اظهار ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي، امن ۽ استحڪام جي فريم ورڪ معاهدي جي آجيان ڪئي.
قومي اسيمبلي متفقه ٺهراءَ ذريعي امن ۽ استحڪام لاءِ ٿيل اڳڀرائي جي ڀرپور حمايت ڪئي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي سفارتڪاري ملڪ کي عالمي سطح تي اعتماد جوڳي ۽ اڻڌري ٽياڪڙ طور مڃرايو.
متفقه ٺهراءَ ۾ عالمي امن، علائقائي استحڪام، ڳالهين ۽ مصالحتي سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو.
قومي اسيمبلي تاريخي امن معاهدي کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
