سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت پڪي ڪرائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت جاويد سونهارو جسڪاڻي جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فريادي ڌر جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته جاويد سونهارو جسڪاڻي جي وڪيل پاران عدالت ۾ وڌيڪ دليل نه ڏيڻ ۽ درخواست جي پيروي نه ڪرڻ سبب عدالت درخواست خارج ڪئي آهي.
هن چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪندي ايف آءِ اي کي اڳوڻي ڊي آءِ جي کي گرفتار ڪرڻ گهرجي.
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڊي آءِ جي جي ضمانت واري درخواست رد
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19
°
C
19
°
19
°
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°


