سنڌ جي گهرو کاتي 29 نومبر تي ايم ڪيو ايم کي ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايم ڪيو ايم شاهراهه فيصل تي ريلي ڪڍڻ ۽ جناح باغ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي.
سنڌ جي گهرو کاتي جي ذريعن موجب، 29 نومبر تي ايم ڪيو ايم کي ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اڻٽيهه نومبر تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جلسي جو اعلان ڪيو آهي، ايس ٽي پي جلسي جي درخواست گذريل مهيني ڏئي چڪي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم طرفان درخواست جمع ڪرائي وئي هئي.
گهرو کاتي طرفان 29 نومبر تي ايم ڪيو ايم کي ريلي ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19
°
C
19
°
19
°
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°


