تازه ترين

آءِ اي يونان ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار

- Advertisement -
آءِ اي يونان ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ محمد اسلم ۽ سعيد احمد شامل آهن. ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار محمد اسلم يونان ٻيڙي حادثي ۾ ملوث آهي، جوابدار انساني سمگلنگ ۾ ملوث عالمي ٽولي جو ميمبر آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار متاثرن کي يورپ اماڻڻ جي نالي تي لکي رپيا ورتا، جوابدار متاثرن کان مجموعي طور 85 لک رپين جي اوڳاڙي ڪئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار ٽولي جي ٻين ساٿين جي مدد سان متاثرن کي پهريان ليبيا اماڻيو، اتان ٻيڙي ذريعي يونان اماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي ٻيڙي حادثي کانپوءِ گم آهن. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان گجرانوالا مان گرفتار ڪيو، هڪ ٻي ڪارروائي ۾ انساني سمگلر کي گجرات مان گرفتار ڪيو ويو، جيڪو جعلي سفري دستاويز ٺاهڻ ۾ ملوث آهي. ايف آءِ اي گجرانوالا زون موجب، جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، يونان ٻيڙي حادثي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22 ° C
22 °
22 °
64 %
2.9kmh
66 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
25 °
آچر
28 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون