- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي آهي ته اڄ ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس ۾ 7 ارب ڊالرن جو قرض ملي ويندو.
پاڪستان ريجنل اڪنامڪ فورم ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي ڀائيواري سان ڪوٺايل پرائيويٽ سيڪٽر انويسٽمينٽ ڊائيلانگ سي پيڪ ٽو تي نيويارڪ مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان ٽيڪس، توانائي ۽ ادارتي پروگرام تحت سڌارن واري ايجنڊا تي عمل جاري رکندو.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي جاري سڌارن واري ايجنڊا مان مطمئن آهن ۽ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، سيڙپڪاري جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف جي لازمي شرطن کي پورو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ سهڪار تي پاڪستان چين جو ٿورائتو آهي.- Advertisement -
