آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺڻ چاهن ٿا: محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺڻ چاهن ٿا. جاري ڪيل بيان ۾ محمد اورنگزيب چيو ته هو آءِ ايم ايف کان ڪمرشل فنانسنگ وٺندا ۽ بانڊز لانچ ڪندا. سندس چوڻ هو ته هول سيلرن، رٽيلر، رئيل اسٽيٽ ۽ زرعي آمدني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، مهانگائي ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي، وياج جي شرح به گهٽ ٿيندي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته دوست ملڪن کان فنڊز جمع ڪرائڻ ۽ رول اوور ڪرائڻ جو دور ختم ٿي ويو آهي، ايس آءِ ايف سي پرڏيهه مان سيڙپڪاري آڻڻ جو اهم پليٽ فارم آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب اعتماد جو فقدان آهي، موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، آءِ ايم ايف کي قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر ڏيڻا آهن، پروگرام ۾ تسلسل هوندو ته معاشي نظم ضبط رهندو. ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم معيشت جي بهتري لاءِ ڪليئر ويزن رکي ٿو. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آءِ ايم ايف کان قرض جي پروگرام سان گڏ ماحوليات جي فنڊنگ بابت به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته آءِ ايم ايف جو مشن اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي، وفد سڀاڻي کان 18 مارچ تائينمعاشي ٽيم سان اقتصادي جائزو لاءِ ڳالهيون ڪندو، مالياتي اداري ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ 4 ڏينهن تائين معاشي جائزي لاءِ ڳالهيون ٿينديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
25%
4.1m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون