- Advertisement -
ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، پاڪستاني عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چئلينج کان گهٽ ناهي، تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ دشمني ثابت ڪري رهي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف جو آءِ ايم ايف کي خط لڳڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، هن وقت ملڪ جو چئلينج عوام جون تڪليفون ختم ڪرڻ آهي، معاشي حالتن کي درست ڪرڻ وڏو چئلينج آهي.
سندس چوڻ ته پاڪستان ۾ غربت جو خاتمو ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، هن ملڪ جي معيشت 2017ع ۾ 24هين وڏي معيشت بڻجي وئي هئي، 2017ع ۾ رڳو 4 سيڪڙو مهانگائي ۽ 6 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ هئي.
ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2017ع ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا اعليٰ ترين سطح تي هئا، جنهن جو اڄ تائين رڪارڊ ناهي ٽٽو، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ سڄي دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي، پر ڊان ۽ پاناما ڊرامي جي نتيجي ۾ سندن 24هين معيشيت 47هين معيشيت بڻجي وئي.
هن چيو ته نواز شريف صوبائي ۽ وفاقي معاملن ۾ پارٽي جي رهنمائي ڪري رهيو آهي، اهو چوڻ ته نواز شريف گم ٿي ويو آهي مناسب لفظ نه آهن، نواز شريف بلڪل موجود آهي.
ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نه نگران وزيراعظم سندس خواهش هئي، ناڻي واري وزير جو فيصلو کيس ناهي ڪرڻو قيادت فيصلو ڪندي آهي.
اسحاق ڊار چيو ته هو اپوزيشن ۾ هجن يا حڪومت ۾ هجن، گڏجي پاڪستان کي هن بحران مان ڪڍندا، پنهنجي دشمنن کي ثابت ڪري ڏيکاريندا ته پاڪستان جي معاملن کي پاڻ سنڀالي سگهن ٿا…………..- Advertisement -
