آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪردار ضابطن تي بحث کي ضروري بڻائي ڇڏيو آهي : مقبول باقر

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪردار ضابطن تي بحث کي ضروري بڻائي ڇڏيو آهي. دائود يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته  کيس ڪانفرنس جي نتيجن مان تمام گهڻيون اميدون آهن. مقبول باقر جو چوڻ آهي ته بهتر ڊيزائن تي غور ڪرڻ سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ مرحليوار تبديليون اچي رهيون آهن. انٽر ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن جي فيل ٿيڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي سنڌ جي نگران وڏي وزير جواب ڏنو ته جيڪڏهن ٻارڙا فيل ٿي ويا آهن ته پوءِ ان ۾  احتجاج جو ڪهڙو جواز آهي؟. سندس چوڻ هو ته فني ترقي ۽ روزاني جي زندگي ۾ بدلائو اچي رهيو آهي. نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ هو ته ملڪ ۽ پرڏيهي ماهرن جي سفارشن جو بيچينيءَ سان انتظار آهي، ڪانفرنس ۾ عالمي مقررن جي شريڪ ٿيڻ تي هنن جو ٿورائتو آهيان، اميد آهي ته اهي دائود يونيورسٽي مان ڪجهه سٺيون يادون کڻي ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
45%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون