- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي سردار تنوير الياس خلاف مارگلا ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته تنوير الياس کي مارگلا پوليس سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو.
ذريعن موجب، سردار تنوير الياس خلاف هڪ ڪمپني جي آفيس تي حملي جو الزام آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تنوير اليس خلاف 30 اپريل تي نجي مال ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
