- Advertisement -
ڪراچيءَ جي عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عبدالغني مجيد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جوابدارن تي جعلي بينڪگ اڪائونٽ کولي ڪروڙين رپين جي غيرقانوني ٽرانزيڪشن جو الزام آهي.- Advertisement -
