- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آصفه ڀٽو زرداري ايم اين ايَ طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ بابت قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي خط لکيو.
خط ۾ آصفه ڀٽو زرداري لکيو ته ايم اين اي طور هوءَ پگهار يا الائونس نه وٺندي.
آصف ڀٽو زرداري لکيو ته جيڪڏهن ڪا پگهار يا الائونس جاري ڪيو ويو آهي ته رد ڪيو وڃي.- Advertisement -
