- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي قانونن ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، امريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حمايت ڪري ٿو.
امريڪي پرڏيهي کاتي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران مظاهرين کان مطالبو ڪيو ته هو پرامن احتجاج ڪن، تشدد کان پاسو ڪيو وڃي.
ميٿو ملر چيو ته پاڪستاني اختيارين کان انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي احترام جو مطالبو ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جو احترام يقيني بڻائڻ ضروري آهي،پاڪستاني قانون امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا.
ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته لبنان ۽ اسرائيل جنگ بندي جي معاهدي جي ويجهو آهن، گذريل هفتي جنگبندي جي معاهدي تي وڏي اڳڀرائي ٿي، پر اڃا تائين معاهدي کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي.- Advertisement -
