تازه ترين

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن، جيڪڏهن ايران معاهدي تي راضي ٿي ويو ته هرمز لنگهه ايران سميت سڀني لاءِ کلي ويندو. اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ايران جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي تجويزن جو جائزو وٺي رهيو آهي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته معاهدي جا امڪان روشن آهن، ممڪن آهي ته هو هڪ اهم معاهدي تائين پهچي ويندا. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان رچايل يورنيم حاصل ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي. هن چيو ته ايران ۾ انهن ماڻهن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن جيڪي معاهدو چاهين ٿا، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايران معاهدي تي راضي ٿئي ٿو يا نه. ان کان اڳ پنهنجي بيان ۾ امريڪي صدر چيو هو ته جيڪڏهن ايران معاهدي تي راضي ٿي ويو ته هرمز لنگهه ايران سميت سڀني لاءِ کلي ويندو ۽ آمريڪي آپريشن “ايپڪ فيوري” پڻ ختم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو هو ته جيڪڏهن ايران معاهدي تي راضي نه ٿيو ته وڏا حملا ڪيا ويندا ۽ ايران تي حملا اڳ کان وڌيڪ شدت سان شروع ٿي ويندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
15 %
3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون