آمريڪي فوج هرمز لنگهه مان بارودي سرنگون صاف ڪري ڇڏيون آهن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوى ڪئي آهي ته آمريڪي فوج هرمز لنگهه مان بارودي سرنگون صاف ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت هرمز لنگهه جو ڪنٽرول صرف آمريڪي نيوي وٽ آهي، سندن ناڪابندي مضبوط رهي آهي. صدر ٽرمپ موجب، هو لوهي ڀت وانگر آهن ۽ صرف انهن ماڻهن کي هرمز ۾ داخل ٿيڻ ڏيندا آهن جن کي اجازت ڏيڻ چاهيندا آهن، صورتحال ٿوري پيچيده آهي ڇاڪاڻ ته ايران ڪڏهن پاڻي لنگهه ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ڇڏيندو آهي ۽ هو ان جو پتو لڳائيندا آهن. آمريڪي صدر ايران سان ڳالهين کانپوءِ جي حڪمت عملي بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر اهو به چيو ته آمريڪا ايران خلاف ڪارروائي تيز ڪري سگھي ٿو. هن چيو ته ايران جيڪڏهن ايران جنگ دوران ٿيل نقصان جو آمريڪا کان معاوضي جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته تهران کي به انهن ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو معاوضو ڏيڻ گھرجي جن کي ايران جي حملي ۾ نقصان پهتو. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن پنهنجي نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته ايران سان مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ڳالهين ۾ معاوضي جو معاملو مضبوطي سان شامل ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
43%
1.5m/s
77%
اربع
27 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون