- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن غزه جي پٽي ۽ لبنان ۾ جاري فوجي آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي روڪٿام ۽ ان سبب پيدا ٿيل سيڪورٽي ۽ انساني اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جو جائزو ورتو.
عرب ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير ۽ پرڏيهي وزير جي وفد ۾ سعودي قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر موساد العبيکان ۽ جنرل انٽيليجنس چيف خالد الحميدان به شرڪت ڪئي.
ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت غزه پٽي ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ سعودي عرب پهتو.- Advertisement -
