- Advertisement -
اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جو انتظامي ڪنٽرول اسلام آباد حوالي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي ويون .
اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن جو تعلق پنجاب سان هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وفاقي اردو يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اصغر دشتي اردو يونيورسٽيءَ جي پرنسپل سيٽ اسلام آباد منتقلي خلاف صدر پاڪستان ۽ چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي عارف علوي کي خط لکي ڇڏيو
خط ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اصغر دشتي چيو ته وائيس چانسلر لاءِ هڪ به صوبي سنڌ جو اميدوار سليڪٽ ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي ڪنهن پروفيسر کي چونڊيو ويو، ڇا وائيس چانسلر جي سڀ کان وڏي قابليت اها آهي اردو يونيورسٽي کي ڪراچيءَ مان اسلام آباد منتقل ڪجي؟
هن چيو ته شارٽ لسٽ ڪيل ڪنهن به اميدوار جو تعلق سنڌ سان ناهي، ڇا سنڌ وفاق جو حصو ناهي؟
ذريعن موجب، انتظامي معاملا جهڙوڪ وائيس چانسلر، رجسٽرار، ڪنٽرولر ايگزامينيشن، ٽريزر ۽ ٻيا انتظامي ۽ مالي معاملا ڪراچيءَ ۾ ڏٺا وڃن ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊمن آفيسون به ڪراچي ۾ آهن، جيڪي 19 فبروري تي سينيٽ اجلاس بعد اسلام آباد منتقل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن .
ذريعن موجب وائيس چانسلر جي اميدوار لاءِ هن مهل تائين 5 نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا جنهن بعد سينيٽ 5 مان 3 نالا فائنل ڪندي، اهي 3 نالا اردو يونيورسٽي جي چانسلر صدر عارف علوي وٽ ويندا جنهن بعد هو هڪ وائيس چانسلر مقرر ڪندو .
اردو يونيورسٽي جو 2002 ۾ قيام پيو ان کان اڳ اهي تعليمي ادارا سنڌ جا ئي هئا جنهن ۾ اردو آرٽس ڪالج 1949 ۾ قائم ٿيو هو ۽ اهڙي طرح اردو سائنس ڪالج به 1966 ۾ ٺهيو.
ذريعن موجب، ڊاڪٽر جهان بخت، وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي پشاور، ڊاڪٽر محمد علي شاهه، اڳوڻو وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي، ڊاڪٽر ظابطہ خان شنواري، اطهر محبوب اڳوڻو وي سي اوڪاڙا يونيورسٽي ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور پنجاب يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي ذاڪر ذڪريا جا نالا وائيس چانسلر لاءِ فائنل ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اردو يونيورسٽي لاءِ چونڊيل بهاولپور يونيورسٽي پنجاب جو اڳوڻو وي سي ذاڪر ذڪريا عدالت پاران نااهليءَ سبب برطرف پڻ ٿيو هو جنهن جو نالو ٻيهر اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاءِ ڏنو ويو آهي…- Advertisement -
