ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان ادارو وفاق جي واٽر ڊويزن جي ماتحت ٿي ويندو

- Advertisement -
ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان ادارو وفاق جي واٽر ڊويزن جي ماتحت ٿي ويندو. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جا تفصيل حاصل ڪري ورتا. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان پنجاب کي ڊيمن، ڪئنالن جي اڏاوت ۽ پاڻي کڻڻ جي ڇوٽ ملي ويندي. گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي جاءِ تي وفاق اچي ويندو، صوبائي خودمختياري ۾ سڌي مداخلت سبب پاڻي جي ورڇ وارا طئي ٿيل سڀ معاملا ختم ٿي ويندا. چيئرمين ۽ سندن ماهرن جي ڪميٽي ٽيليميٽري جي ماپ تحت مرضي جي ورڇ ڪندي. صوبن جي انگن اکرن جي اهميت ختم ٿي ويندي ۽ صوبا عدالت نه وڃي سگهندا. وفاق جو رکيل چيئرمين مڪمل طور بااختيار ۽ صوبائي نمائندا بي اثر هوندا. چيئرمين ماهرن جي ڪميٽي جوڙيندو جيڪا سڌي نموني صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، ايريگيشن وارن ي آرڊر ڏئي ۽ حڪم عدولي تي هٽائي سگهندي. ڪمرشل فارمنگ لاءِ پاڻي جي ڪمرشل وڪري لاءِ چيئرمين پاڻمرادو فيصلا ڪري سگهندو ۽ صوبا پنهنجي حصي کان محروم ٿي ويندا. ايريگيشن جي ڪنهن به هنڌ کي اسٽريٽجڪ اثاثو قرار ڏئي چيئرمين ان تي سڌڌي ريت ڪنٽرول ڪري فوج بيهاري سگهندو، عملي طور اپريل ۽ مئي واري پاڻي کوٽ لڳ ڀڳ سڄو سال رهندي ۽ بيراجن ۾ واري اڏامندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
19%
0.7m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون