- Advertisement -
سنڌ جي پاڻي ماهرن، ارسا جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سڄاڻ ڌرين ارسا ترميمي بل جي حوالي سان ٿيندڙ سمورين ڪوششن کي رد ڪندي چيو آھي جولاءِ جي مهيني ۾ ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۽ جاري ڪيل منٽس غيرآئيني ۽ 1991 واري پاڻي ٺاھ جي کليل ڀڃڪڙي آھي، سنڌ حڪومت، اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبي جي عوام کي سنڌ دشمن منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي.
اهڙو اظهار سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام بي هائينڊ دي نيوز ۾ ميزبان شڪيل سومرو سان پلاننگ اينڊ ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري، پاڻي ماهر فضل الله قريشي، ارسا جي اڳوڻي چيئرمين سيد مظهر علي شاھ، نالي واري دانشور جامي چانڊئي ۽ سينئر صحافي اظهار سومري ڳالهائيندي ڪيو.
هنن چيو ته ارسا هڪ خودمختيار ادارو آھي، صدر ۽ وزيراعظم جي ماتحت ناهي، جولاءِ ۾ ايوان صدر اندر ٿيل اجلاس ۽ جاري ڪيل منٽس غيرآئيني ۽ 1991 واري پاڻي ٺاھ جي کليل ڀڃڪڙي آھي.
سندن چوڻ هو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي تڪرار پراڻو آھي، سدائين سنڌ سان پاڻي جي مامري تي زيادتي ٿيندي رهي آھي.
پاڻي ماهرن ۽ ٻين چيو ته ارسا ترميمي بل منظور ٿيڻ کانپوءِ ارسا جو ادارو ختم ٿي ويندو ۽ سنڌ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويندي، ارسا ۾ صوبن جو اختيار به ختم ٿي ويندو.
سندن چوڻ هو ته چيئرمين پنهنجي مرضي سان صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ٻاهران ميمبر نامزد ڪري سگهندو، ارسا ترميمي بل منظور ٿيڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي.
هنن سنڌ حڪومت، اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سنڌ جي عوام کي خبردار ڪندي چيو ته ارسا ترميمي بل سنڌ خلاف هڪ گهري سازش آھي، ڄاڻايل سنڌ دشمن منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو وڃي.- Advertisement -
