- Advertisement -
ارسا چيئرمين جي مقرري بابت سنڌ حڪومت جي خدشن بابت وزيراعظم شهباز شريف نوٽيس وٺي ڇڏيو، صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ رابطو ٿيو آهي، وزيراعظم ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته سي سي آءِ ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته چيئرمين جي مقرري روٽيشن جي بنياد تي صوبن جي ميمبرن مان ٿيندي.
صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جو موقف مڃي ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ارسا چيئرمين جي مقرري بابت تڪرار، وزيراعظم پيپلز پارٽي کي نارض نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ارسا چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي ڪابينا ڊويزن، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ارسا چيئرمين ظفر محمود جي مقرري جو نوٽيفڪيشن رد ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي صلاح مشوري سان نئون ارسا چيئرمين مقرر ڪندو.- Advertisement -
