- Advertisement -
اسرائيل تي ايران جي ڊرون حملن تي ايران ۾ شهرين جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، ايران طرفان اسرائيل تي فائر ڪيل ڊرونز ۽ ڪروز ميزائلن جي حملن بعد تهران ۾ ايراني شهري خوشي ملهائيندي روڊن تي نڪري آيا.
عوام ايران جو جهنڊو کڻي روڊن تي اچي ويا ۽ جشن به ملهايو.
لبناني گادي واري شهر بيروت ۾ به اسرائيل تي ڊرون حملن جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
رات دير سان هزارين فلسطيني مسجد اقصيٰ پهچي ويا، جشن ملهايو ويو.- Advertisement -
