تازه ترين

اسرائيل تي ايراني حملي جي انٽيليجنس رپورٽ کانپوءِ ايران کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز

- Advertisement -
آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن هن هفتي اسرائيل تي ايراني حملي جي انٽيليجنس رپورٽ کانپوءِ ايران کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪا سميت ٻين مغربي ۽ يورپي ملڪن طرفان ايران کي اسرائيل تي حملو روڪڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته ايران اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. ايران برطانيا، فرانس ۽ جرمني کي جواب ڏيندي چيو ته صبر جو مشورو ڏيڻ وارا غزه ۾ اسرائيلي حملا بند ڪرائين. ايران جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ايران کان تحمل جو مطالبو سياسي شعور جو فقدان ۽ عالمي قانوني اصولن خلاف آهي. برطانيا، فرانس ۽ جرمني پنهنجي گڏيل بيان ۾ مطالبو ڪيو هو ته ايراني ۽ ان جا اتحادي اسرائيل تي حملي کان پاسو ڪن، جڏهن ته آمريڪا ترڪي تي زور ڏنو آهي ته ايران کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري. ان موقعي تي ترڪي ۾ آمريڪي سفير جيف فليڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ترڪي سميت ٻيا اتحادي ايران تي زور ڏئي رهيا آهن ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي، ترڪي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي. ٻئي طرف غزه ۾ جنگ بابت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ بچاءَ واري وزير ۾ اختلاف سامهون آيا آهن، نيتن ياهو، يو آف گيلنٽ تي اسرائيل مخالف بيان هڻڻ جو الزام لڳايو آهي. اسرائيلي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گيلنٽ حماس خلاف فتح کي مقصد بڻائڻ واري بيان کي بڪواس قرار ڏنو، جنهن تي وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ گيلنٽ تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته گيلنٽ اسرائيل مخالف بيان اختيار ڪري يرغمالين جي آزادي واري معاهدي کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
46 %
2kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون