- Advertisement -
غزه جي اتر واري علائقي موجود ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حسام ابو صفيه جي اسرائيلي جيل ۾ پير ڪڙين ۾ جڪڙيل هجڻ جي ويڊيو سامهون آئي آهي.
28 ڊسمبر تي اسرائيلي فوج غزه ۾ ڪمال عدوان اسپتال تي حملو ڪيو ۽ ڊاڪٽر ابو صفيه کي 350 کان وڌيڪ ماڻهن سميت گرفتار ڪيو هو.
غير ملڪي ميڊيا موجب 51 ورهين جي ڊاڪٽر ابو صفيه کي والاريل اولهه جي اوفر جي جيل منتقل ڪيو ويو جتي کيس بنا ڪنهن ڪيس جي حراست ۾ رکيو ويو آحي.
اسرائيلي ميڊيا طرفان هڪ ٻي ويڊيو وائرل ڪئي وئي جنهن ۾ ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر کي کي پير ڪڙين ۾ جڪڙي ڏٺو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، ڊائريڪٽر حسام ابو صفيه جي ڊسمبر ۾ اسرائيلي فورسز هٿان گرفتار کانپوءِ سامهون ايندڙ هيءَ پهرين ويڊيو آهي.- Advertisement -
