اسرائيلي فوجين اولهه ڪناري جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿي ڪري ٽن فلسطينين کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اسرائيلي فوجين اولهه ڪناري جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿي ڪري ٽن فلسطينين کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو، يهودي قابض فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران 114 فلسطينين کي شهيد ۽ 249 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوجين ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڊريس پائي اولهه ڪناري جي ابن سينا اسپتال ۾ داخل ٿي فلسطيني نوجوانن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوجين الزام لڳائيندي چيو آهي ته ٽنهي فلسطيني نوجوانن جو تعلق حماس جي ان سيل سان هو جيڪو اسرائيل تي حملي جي منصوبابندي ڪندو آهي. اسرائيلي فوج واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي لباس ۾ داخل ٿيل اسرائيل جي اسپيشل سڪيورٽي فورسز جا ڪمانڊو هئا. غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 114 فلسطيني شهيد ۽ 249 ٿي پيا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 26 هزار 751  ٿي ويو جڏهن ته 65 هزار 636 کان وڌيڪ زخمي آهن. هوڏانهن يهودي  قابض فوج جباليه، دير البلاح ۽ شجاعيه ۾ بمباري ڪئي، خان يونس ۾الفاروق مسجد تي حملي ۾ ، 20 ڄڻن کي شهيد ڪيو ويو، حنين، رام الله، ۽ بيت المقدس ۾ يهودي فوج 3 فلسطيني شهري ڪري ڇڏيا. ٻئي پاسي حماس خان يونس ۾ اسرائيلي فوجي گاڏين ۽ ٽينڪن تي حملو ڪيو آهي. القسام بريگيڊ دعوى ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ اسرائيل جا 2 ٽينڪ، 9 فوجي بلڊوزر ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ڪيون ويون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
48%
0.7m/s
99%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون