- Advertisement -
اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۽ غزا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي تي ڳالهيون اڄ مصر ۾ ٿي رهيون آهن، اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۽ غزه مان اسرئيلي فوج جي نيڪالي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيراڊ ڪشنز ۽ خاص ايلچي اسٽيووٽڪوف امريڪا جي نمائندگي ڪندا.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس موجب، اسرائيلي وفد به ڳالهين لاءِ اڄ مصر جي شهر شر الشيخ روانو ٿيندو.
اڻ سڌيءَ طرفح ڳالهين لاءِ خليل الحيه جي قيادت ۾ حماس جو وفد به مصر پهچي رهيو آهي، فلسطيني مزاحمتي تنظيم يرغمالين جي آزادي سميت ٻين نقطن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي پر حماس کي ڪجهه نقطن تي خدشا آهن.
ٻئي پاسي عرب ميڊيا جي حماس ذريعن دعوى ڪئي آهي ته حماس عالمي نگرانيءَ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.- Advertisement -
