- Advertisement -
افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي پاڪستان ۾ استعمال جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا آهن.
پاڪ فوج گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهي آهي ۽ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار موجود آهن، جنهن سان خطي جي سلامتي کي نقصان پهتو آهي.
ڪالعدم ٽي ٽي پي کي هٿيارن جي فراهمي سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، 29 ڊسمبر تي مير علي ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو هو.
ان آپريشن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر راهزيب کوري سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي قبضي مان پرڏيهي هٿيار، ايم فور ڪاربن، اي ڪي 47 ۽ گولا بارود هٿ آيو، پهريان به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۾ دهشتگردي حملن ۾ پرڏيهي هٿيار استعمال ڪيا ويا.
بلوچ لبريشن آرمي به انهن هٿيارن سان فيبروري 2022 ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ضلعي ۾ ايف سي ڪيمپن تي حملو ڪيو.
ميانوالي ايئربيس حملي ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل پرڏيهي هٿيار مليا هئا، ڊي آءِ خان ۾ درابن ۽ ٽانڪ ۾ به دهشتگردن وٽ جديد پرڏيهي هٿيار هئا.- Advertisement -
