تازه ترين

افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت جو سلسلو برقرار

- Advertisement -
افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت جو سلسلو برقرار آهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هئڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، افغان ڌرتي دهشتگردن لاءِ جنت بڻجي وئي آهي، جتان دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث وڌيڪ هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ منظر عام تي اچي وئي آهي، 28فيبروري 2025ع تي سڪيورٽي فورسز طرفان غلام خان جي علائقي ۾ 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب، مارجي ويل 14 دهشتگرد مان هڪ جي افغان دهشتگرد به شامل هو، مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ مجيب الرحمان عرف منصور طور ٿي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مجيب الرحمان افغانستان جي صوبي ميدان وردڪ جي ضلعي چڪ جو رهواسي هو، مجيب الرحمان افغانستان جي حضرت معاذ بن جبل نيشنل ملٽري اڪيڊمي جي ٽئين بٽالين جو ڪمانڊر هو. سڪيورٽي ذريعن موجب، ان کان اڳ 30جنوري 2025ع تي بدرالدين ڊي آءِ خان ۾ آپريشن دوران مارجي ويو هو، دهشتگرد بدرالدين افغان فوج ۾ ليفٽيننٽ ۽ صوبي باغديس جي ڊپٽي گورنر جو پٽ هو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين ۾ اڪثر پاڪستان ۾ علاج يا تعليم جي دوکي ۾ اچي فتنه الخوارج جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، ڪيترائي افغان دهشتگرد پنهنجي مرضي سان به فتنه الخوارج ۾ شامل ٿي رهيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، افغان عبوري حڪومت جي اهلڪارن سميت تحريڪ طالبان افغانستان جا اڳوڻا ڪمانڊر به دهشتگرد تنظيمن ۽ فتنه الخوارج سان رابطي ۾ آهن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن وٽ جديد هٿيارن جي موجودگي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ڳٺ جوڙ جو واضح ثبوت آهن، افغانستان هر قسم جي دهشتگردن جو خاص ٿاڪ بڻجي چڪو آهي. دفاعي ماهرن موجب، افغان عبوري حڪومت جا اهلڪار پاڪستان ۾ دهشتگرداڻي حملن لاءِ فتنه الخوارج جي مڪمل مدد ڪندا آهن، افغان عوام کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي فتنه الخوارج جي دهشتگرد سرگرمين کان پري رکن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون