اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ پهرين عورت ڊاڪٽر هيلن ميري کي پاڪستان آرمي ۾ برگيڊيئر ڪيو ويو

- Advertisement -
ڊاڪٽر هيلن ميري رابرٽس پاڪستان آرمي ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ پهرين عورت آهي، جنهن کي برگيڊيئر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف آرمي ميڊيڪل ڪور ۾ برگيڊيئر جي رينڪ تي ترقي ماڻڻ تي ڊاڪٽر هيلن ميري رابرٽس کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هيلن ميري رابرٽس پاڪستاني اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ پهرين عورت برگيڊيئر آهي. وزراعظم جو چوڻ هو ته هيلن ميري رابرٽس ثابت ڪيو ته عورت ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان پوئتي ناهي، مسيحي برادري سميت پوري قوم کي برگيڊيئر هيلن ميري رابرٽس تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته پوري قوم کي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ اهڙيو هزارين محنتي عورتن تي فخر آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته برگيڊيئر هيلن ميري رابرٽس جي محنت ۽ انسانيت لاءِ خدمت جو جذبو ٻين عورت لاءِ مشعل راهه آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
30%
1.2m/s
48%
خميس
27 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون