تازه ترين

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي 19 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊيول جو اعلان

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 52 خالي مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو. حيدرآباد، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، نوشهروفيروز، ڄامشورو، مٽياري،  اولهه ڪراچي، ڪيماڙي ۽ اوڀر ڪراچي ۾ 24 سيپٽمبر تي ننڍي چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مرحلو 21 کان 23 آگسٽ تائين جاري رهندو. ترجمان موجب اميدوارن جي شروعاتي فهرست 25آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي. ترجمان موجب نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 26 کان 28 آگسٽ تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 8 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 9 سيپٽمبر 2025ع تي اميدوارن کي چونڊ نشان ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي 19 مختلف ضلعن ۾ 52 سيٽن لاءِ پولنگ 24 سيپٽمبر تي منعقد ڪئي ويندي…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون