- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 8 فيبروري تي شيڊولڊ عام چونڊن ملتوي ڪرائڻ بابت سينيٽ جي منظور ٿيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط لکي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته اوهان جي ٺهراءَ جو جائزو ورتو، اليڪشن ڪميشن صدر جي صلاح مشوري سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ لاءِ نگران حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.
اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائيندا، ماضي ۾ عام چونڊون ۽ مقامي حڪومتن جي چونڊون سياري جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن.
اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو ته هن مرحلي تي ڪرڻ مناسب مشورو ناهي ۽ هن وقت عام چونڊون ملتوي نٿيون ڪري سگهجن.- Advertisement -
