- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن طرفان پهرين مارچ تي صدارتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب 29 فيبروري تي صدارتي چونڊن لاءِ اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿيندو، آئين تحت چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدارتي چونڊ ڪرائڻ ضروري هوندو آهي.
ترجمان موجب 29 فيبروري تي سموريون اسيمبليون وجود ۾ اچي وينديون، پهرين مارچ تي صدارتي چونڊ جو شيڊول ۽ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ويندو، 2 مارچ 12 وڳي تائين اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، خواهشمند اميدوار اڄ ئي صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهندا……- Advertisement -
