- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي اليڪشن نتيجن ۾ غير معمولي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي تڪن جا نتيجا جاري ڪري پيدا ٿيل خدشا ختم ڪري.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي کي قومي اسيمبلي جي ٻارنهن سيٽن تي واضع برتري حاصل آهي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾به پ پ ڪلين سوئيت ڪري رهي آهي.
ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي اميدوارن جي سنڌ سميت سڄي ملڪ مان سوڀ ۽ هاڪاري نتيجا بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي طاقت ڏئي رهيا آهن.- Advertisement -
