- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ طرفان پرامن چونڊن تي قوم کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن، نگران صوبائي حڪومتن ۽ سڪيورٽي فورسز جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، شفاف چونڊون جمهوري عمل جي لچڪ ۽ طاقت جو ثبوت آهي.
هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، چونڊن جو موقعو نه رڳو سندن جمهوري عمل جي لچڪ ۽ طاقت جو ثبوت آهي پر پاڪستاني قوم جي ناقابل شخص جذبي جو به آهي.
هن چيو ته پاڪستاني عوام جي چونڊ عمل ۾ شرڪت توڙي جوش ۽جذبو جمهوري مشق جو بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئوٽ سندن ملڪ جي مستقبل جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي.
سندس چوڻ هو ته ووٽن ذريعي ظاهر ٿيندڙ آواز سندن جمهوريت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون، بلوچستان۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن باوجود ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
نگران وزيراعظم چيو ته سندن دعا آهي ته عام چونڊون روشن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ پيغام ثابت ٿين- Advertisement -
