- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته آمريڪا سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جي حمايت ڪري ٿو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستاني چونڊن جي حوالي سان سندن جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جي حمايت نٿو ڪري.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاشي سڌارن، انساني حقن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ پاڪستان ۾ ماضي ۾ محدود تڪرار رهيا آهن، خطي ۾ عدم استحڪام بابت ايران جا ارادا شڪي آهن.
واضح رهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ايندڙ هفتي پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي.- Advertisement -
