امريڪا، غزه مان فلسطيني شهرين کي بيدخل ڪري قبضو ڪرڻ جي اسرائيلي خواهش جي مخالفت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
امريڪا، غزه مان فلسطيني شهرين کي بيدخل ڪري قبضو ڪرڻ جي اسرائيلي خواهش جي مخالفت ڪري ڇڏي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانٽ پيٽل نيوز بريفنگ دوران ڳالهائيندي چيو ته امريڪا غزه مان فلسطينين جي جبري منتقلي نٿو چاهي، وائيٽ هائوس جي ميز تي فلسطينين لاءِ نئين جاءِ تي آباد ڪرڻ جو منصوبو موجود نه آهي، ان معاملي تي اسرائيل کي امريڪي حمايت حاصل ناهي. ٻئي پاسي امريڪي قومي سلامتي جي جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ هو ته غزه مان وڌ کان وڌ امريڪي هاڻي رفع بارڊر کولڻ سان نڪري ايندا، امريڪا ۽ اسرائيل دوست آهن پر جنگبندي تي امريڪا جو اسرائيل جي موقف سان اتفاق نه آهي. سندس چوڻ هو ته هو رفع بارڊر ذريعي فلسطيني شهرين جي بيدخلي نٿو چاهي، غزه تي اسرائيل جي قبضي جي مخالف ڪندا. واضع رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ هو ته حماس سان جنگ کانپوءِ اسرائيل عزه پٽي تي اڻ اعلانيل مدي لاءِ سلامتي جي مجموعي ذميواري سنڀاليندو. نتين ياهو حماس طرفان يرغمالين جي آزادي تائين جنگ بندي جو امڪان رد ڪري چيو ته غزه جي ڏکڻ ۽ اتر وار علائقن وچ ۾ ورڇ ڪرڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري چڪي آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
18%
3m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون