- Advertisement -
امريڪا فلسطينين تي حملن جي الزام ۾ 4 يهودي آبادڪارن جا اثاثا منجمد ڪري مالي ۽ سفري پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.
امريڪي صدر جوبائيڊن يهودي آبادڪارن تي پابندين واري ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي.
امريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته يهودي آبادڪارن جون ڪارروايون اولهه ڪناري، فلسطين ۽ وچ اوڀر امن، سلامتي ۽ خطي جي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن.
سندس چوڻ هو ته اولهه ڪناري جي صورتحال ناقابل برداشت سطح تائين پهچي وئي اهي، اهڙا قدم امريڪي پرڏيهي پاليسي جي مقصدن کي نقصان پهچائيندا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آبادڪارن تي امريڪي پابنديون رد ڪندي چيو آهي ته صدر جوبائيڊن اولهه ڪناري جي صورتحال کان اڻڄاڻ آهي………- Advertisement -
