تازه ترين

امن امان برقرار رکڻ ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ عالم ڪردار ادا ڪن: آءِ جي سنڌ رفعت مختار

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته امن امان برقرار رکڻ ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ عالم ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏجي مذهبي ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي اسلام ۽ خوبين بابت آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي،  ماڻهن ۾ محبت، اخلاق ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ امن جي ضمانت آهي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار جامع العلوم اسلاميه علامه محمد يوسف بنوري ٽائون نيو ڪراچي جو دورو ڪيو. آءِ جي سنڌ رفعت مختار، مهتم اعليٰ سيد سليمان بنوري سان ملاقات ڪري درس ۽ تدريس سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون. آءِ جي سنڌ جامع جي مختلف شعبن ۽ آفيسن جو دورو ڪيو. منتظم ٻڌايو ته جامع ۾ 63 ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، درس ۽ تدريس کانسواءِ ديني، دنياوي تعليم ۽ مسئلا حل ڪيا ويندا آهن. آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته معاشرن ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ عالم ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏجي مذهبي ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي اسلام ۽ خوبين بابت آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي،  ماڻهن ۾ محبت، اخلاق ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ امن جي ضمانت آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون