- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته امن امان برقرار رکڻ ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ عالم ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏجي مذهبي ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي اسلام ۽ خوبين بابت آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ماڻهن ۾ محبت، اخلاق ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ امن جي ضمانت آهي.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار جامع العلوم اسلاميه علامه محمد يوسف بنوري ٽائون نيو ڪراچي جو دورو ڪيو.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار، مهتم اعليٰ سيد سليمان بنوري سان ملاقات ڪري درس ۽ تدريس سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون.
آءِ جي سنڌ جامع جي مختلف شعبن ۽ آفيسن جو دورو ڪيو.
منتظم ٻڌايو ته جامع ۾ 63 ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، درس ۽ تدريس کانسواءِ ديني، دنياوي تعليم ۽ مسئلا حل ڪيا ويندا آهن.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته معاشرن ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ عالم ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏجي مذهبي ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي اسلام ۽ خوبين بابت آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ماڻهن ۾ محبت، اخلاق ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ امن جي ضمانت آهي……- Advertisement -
