تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

انصاف کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، عورتن کي وراثت ۾ حصو نه ڏيڻ اسلامي تعليم خلاف آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته انصاف کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، عورتن کي وراثت ۾ حصو نه ڏيڻ اسلامي تعليم خلاف آهي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عورتن جي هر شعبي ۾ نمائندگي ضروري آهي، آئين عورتن کي پنهنجا حق ڏنا آهن. هن چيو ته هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي، عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ نوان قانون به آڻي سگهجن ٿا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي آيل عورتن جي ڪارڪردگي مردن کان بهتر هوندي آهي، عورتون نه رڳو مخصوص سيٽن پر سڌيءَ ريت به چونڊجي اچي سگهن ٿيون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نوڪرين واري هنڌ آئين عورتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، پنجن کان سورهن ورهين جي ٻارن کي تعليم لازمي حاصل ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبليءَ  سميت مختلف ادارن ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽون آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسلام عورتن کي وڏا حق ڏنا آهن، قرآن جو پهريون لفظ اقرا آهي، جيڪو مرد ۽ عورتن ۾ فرق نه ٿو ڪري، ڪنهن عورت تي ڪوڙو الزام مڙهڻ تي اسلام ۽ قانون ۾ ڏنڊ جي حد مقرر         آهي. هن چيو ته هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ثقافت جي هاڪاري پاسن کي وساري ڇڏيندا آهن، دين ۾ علم حاصل ڪرڻ مرد سان گڏ عورتن تي به فرض ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته مرد شڪايت ڪندا آهن ته عورتن لاءِ ڪوٽا سسٽم آهي، آئين جي آرٽيڪل 25 کي نظر ۾ رکندي عورتن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، سندن ملڪ ۾ عورتن کي وراثت جو حق نه ملڻ اهم مسئلو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته غيرت جي نالي قتل وارو اصطلاح غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، اسلام ۾ زنا ثابت ڪرڻ لاءِ چئن شاهدن جي شرط لازمي آهي، پر هتي شرط پوري ڪرڻ کانسواءِ عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسي ٰچيو ته قرآن ۾ عورتن تي الزام مڙهڻ يا بي حرمتي ڪرڻ تي 80 ڪوڙن جي سزا آهي، پاڪستاني قانون جي سيڪشن 496 تحت به سزا آهي، هن عورتن لاءِ اهڙي سزا ناهي ڏٺي، ان جي ابتڙ عورتن کي سزا ملندي ڏٺو آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون