اوقاف کاتي سنڌ ۾ 78 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊيٽر جنرل کاتي جي سيڪريٽري ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر جي مالي ۽ انتظامي بيقاعدگين تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 37 ڪروڙ 39 لک رپين جي ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا منظوري کانسواءِ جاري ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر طرفان 23 ڪروڙ 41 لک رپيا خانگي بينڪ ۾ رکڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايل ويو آهي ته 6 ڪروڙ 49 لک رپيا ماليت جي خريداري ۽ مرمت جا ٺيڪا پڻ ٽينڊر کانسواءِ ڏنا ويا.
رپورٽ موجب قلندر لعل شهباز جي لعل باغ سيوهڻ جي خوبصورتي لاءِ 2 ڪروڙ 49 لک رپين جا ٺيڪا به ٽينڊر کانسواءِ ڏنا ويا.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آحي ته اوقاف کاتي جي سيڪريٽري عبدالله شاهه غازي جي تربت تي جمع ٿيل چندي جا 8 ڪروڙ 46 لک رپيا خانگي بينڪ ۾ جمع ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايل ويو آهي ته فرنيچر، مشينري، ٽرانسپورٽ ۽ سيلز ٽيڪس ڪٽوتي جي مد ۾ 21 لک رپيا قومي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو.
